SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


سهمتي- اتفاق راءِ - هڪ - ڪَري حيثيت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


سهمتي- اتفاق راءِ - هڪ - ڪَري حيثيت

Unanimity

يونانيمٽي

مخصوص صورتحال ۾ گهڻين ڌرين جي ڪنهن هڪ ڳالهه تي اتفاق جي حوالي سان ترتيب ڏنل هيءُ هڪ اصول يا قاعدو آهي، جنهن ذريعي ڪنهن هڪ ڌر يا قوم بجاءِ گهڻين قومن جي رياستي مُفادن کي ترجيح ڏيندي، عالمي سياست ۾ بهرو ورتو ويندو آهي. هن قاعدي تحت ،هر رياست جو گهٽ ۾ گهٽ قانوني لحاظ کان هڪجيترو مرتبوهوندو آهي. ووٽ ۽ نمائندگيءَ جو هڪ جيترو حق حاصل هئڻ ڪري ڪنهن به گڏيل معاملي ۾ هر رياست جپ اتفاق لازم سمجهي ويندي آهي. ان قسم جي اتفاق راءِ کي ”قومن جي انجمن“ واري پڌرنامي جي پنجين فقري ۾ تسليمي مليل آهي، جنهن مُطابق انهيءَ اداري جي مُک فورمن تي هر رياست کي ووٽ ڏيڻ جو هڪ جيتروحق مليل آهي. ”گڏيل قومن جي پڌرنامي“ ۾ جنرل اسئمبليءَ ۾ ته هر رياست کي اهڙو حق حاصل آهي، پر سندس ٻئي طاقتور اداري ”سلامتي ڪائونسل“ ۾ فقط پنجن وڏين رياستن کي غير معمولي يعني ”ويٽو“ جو اختيار آهي. ان کان علاوه ڪنهن به عالمي معاملي تي سلامتي ڪائونسل جي مڙني ميمبرن جو اتفاق به هن اصطلاح جي دائري ۾ اچي ٿي. اهڙي اتفاق سبب عالمي سطح تي ٻڌيءَ لاءِ ماحول جُڙي ٿو ۽ اعتراضن ۽ اختلافن ۾ گهٽتائي اچي ٿي


Remember Me Also:

هنئار

هِنئارَ

ظرف. هينئر، هن وقت، هير، هنيار.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal